اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل اهڙي موقعي تي دورو ڪري رهيو آهي جڏهن هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڪستان ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي دوري سان دنيا پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيند?? تباهي کان بهتر طور تي آگاهه ٿي سگهندي. پنهن??ي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مش??ل جي هن گهڙيءَ ۾ يڪجهت?? جي اظهار لاءِ پاڪستان اچڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃو?? ٿا. ان جو دورو پاڪستان مان ٻوڏ متاثرين جي مسئلن ۽ مش??لاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 160 ملين ڊالر جي فليش فلڊ اپيل جاري ڪئ?? جيڪا ساراهه جوڳي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هي دورو موسمياتي تبديلين جي موذي اثرن جي نتيجن جو احساس ڏيارڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن ۾ ورتل غريب ملڪن جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.