ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن وزيراعظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اع??ان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او ۽ رياستي سربراهن ج?? ڪائونسل جي هلندڙ اجلاس جي ميزباني ڪندي زور ڏنو ته وزيراعظم پاڪستان جي پيش ڪيل تجويز ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ گهرجي. ايس سي او جي مملڪتي سربراهن ج?? ڪائونسل جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي سڀ کان اڳ حمايت جو اع??ان ڪيو آهي. ايس سي او مملڪتي سربراهن ج?? ڪائونسل جي تازي اجلاس جي سربراهه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان کانپوءِ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان، منگوليا ۽ ا??ران جي صدرن پڻ پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اع??ان ڪيو. تاجڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ شديد تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان کي ڀرپور مدد ۽ حمايت فراهم ڪئي وڃي.