اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپاني ڪمپنين کي شمسي ت??ان??ئي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ شمسي ت??ان??ئي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنياد تي شروعات ڪئي پئي وڃي، سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلن کي شمسي ت??ان??ئي تي منت??ل ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي معيشت، وا??ار ۽ انڊسٽري واري پارلياماني نائب وزير ستومي ريوجي جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ موجود جاپاني ڪمپنين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وا??ار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن کانسواءِ پاڪستان ۾ جاپان جو سفير وادامتسوهيرو به موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان شمسي ت??ان??ئي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي شعبن ۾ جاپاني سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي، ونڊ ۽ هائيڊل جهڙن قابل تجديد ت??ان??ئي جي ذريعن مان فائدو کڻڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي ڇو ته تيل، گئس ۽ ٻئي مهانگي ٻارڻ جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ وڏو پرڏيهي ناڻو اسان جي معيشت تي ناقابل برداشت بار آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي ت??ان??ئي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنيادن تي شروعات ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت نه رڳو هڪ موثر سيڙپڪاري پلان تيار ڪري ورتو آهي پر سمورين ڌرين جي پري بڊ ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي وئي آهي، شمسي ت??ان??ئي جي ان منصوبي تحت سولر پارڪس لڳايا ويندا ۽ سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلز کي شمسي ت??ان??ئي تي منت??ل ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. وزيراعظم جاپاني ڪمپنين کي ان اهم منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي انهن کي هر طرح جي سهولت ۽ آساني جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي ??ي پي) تحت ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي منصوبن ۾ جاپاني ڪمپنين جي سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ قيمتي جانين جي زيان تي جاپان جي حڪومت ۽ عوام پاران همدردي جي جذبن ۽ 70 لک ڊالر جي مالي امداد تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪاروبا?? ڪندڙ جاپاني ڪمپنين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا.