شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل ??رب امارات جي صدر محمد بن زيد النيهيا?? گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل ??رب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان مصر ۾ ڪوپ 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي فراخدلاڻي امداد تي گڏيل ??رب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ??وس??ياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوپ 27 جي عزم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ??وس??ياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ رڳو اسرندڙ ملڪن جي وس ۾ نه آهي، عالمي برادري کي گڏجي زمين جي بقاءَ جو گڏيل چارٽر ٺاهڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف ڪوپ 27 ڪانفرنس جي مقصدن جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي اسلامي دنيا جي عزم جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻ?? گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.