اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران سينئر صحافين حامد مير، مرتضيٰ سولنگي ۽ وق??ر ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان سياست ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پ??يڙي، حڪومت ۾ رهي هن صحافين تي حملا ڪيا ۽ هاڻي صحافين تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن. عمران خان سياست ڪري، صحاف??ن جي جان کي خطري ۾ نه وجهي. پنهنجي بيان هن چيو ته لاشن تي س??است، صحافت تي س??است، عمران خان کي س??اسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچي. سياسي مخالفن سان سياسي مخالفت ڪريو، ملڪ دشمني ته نه ڪريو. هن چيو ته جيڪو توهان جي خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دشمن آهي، عمران خان ٽنهي صحاف??ن جا نالا وٺي انهن جي جان خطري ۾ وڌي جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پورو پاڪستان فارن فنڊيڊ فتني جي ڪوڙ، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، عمران خان ملڪ کي باهه لڳائي، رت وهائي ۽ لاش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته صحافي س??ال پڇن ته دشمن، ايف آءِ اي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پڇي ته دشمن. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو اڄ تائين پنهنجي خلاف ڪنهن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيو.