اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سينٽرل جي ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي قيادت ۾ آمريڪي وفد نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو دورو ڪيو ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپو ٿيل نقصانن ۽ بحالي جي قدم?? جي حوالي سان خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل جي حوالي سان گڏيل سهڪار ۽ قدمن لاءِ لائحه عمل جوڙڻ تي غور ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ جهڙن معلومات ۽ تحقيقي ادار?? جي جوڙجڪ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي اين ڊي ايم اي جي ڀرپور نمائندگي تي زور ڀريو. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر کي جديد ۽ فعال بڻائڻ سان گڏوگڏ مستقبل ۾ امڪاني خطر?? جي تعين ۽ ان حوالي سان مڪمل تياري لاءِ ٻطرفي تجرب?? جي مٽاسٽا، م??قن جي انعقاد ۽ فني شعبن ۾ مدد ۽ سيڙپڪاري جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۾ آَفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ ايمرجنسي ريسپانس کي درپيش مشڪلاتن ۽ چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ 7 نمبر تي آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ ٻوڏ دوران پاڪستا?? جي ريسڪيو ۽ رليف جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرن لاءِ يو ايس ايڊ ذريعي امداد جاري رکڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي مدد جي خاطري ڪرائي. اين ڊي ايم اي چيئرمين مشڪل جي هن گهڙ ي۾ پاڪستان جو دور ڪرڻ تي آمريڪ?? فوج جي وفد جو ٿورو مڃيو ۽ مستقبل ۾ آمريڪي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اميد ظاهر ڪئي.