اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اڄ اربع ڏينهن بلوچستان جي ضلعي صحبت پور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. چيف سيڪريٽري ??لوچستان وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئ??ن سر تعمير جي لاءِ جاري ڪوششن تي بريفنگ ڏيندو. ان موقعي تي وزيراعظم صحبت پور ۾ ٻوڏ ??ان متاثر ٿيندڙ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري ??سڪول ڪلي جياخان جي نئ??ن عمارت جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جو احوال ڄاڻڻ ۽ انهن جي دل جوئي ڪرڻ جي لاءِ انهن سان ملاقات پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن ۽ مقامي نمائندن کي خطاب ڪندو.