اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف جي گادي واري شهر اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ تنظيمي دورن جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب مريم نوا?? پهرين فيبروري تي بهاولپور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي ??طاب ڪندي جڏهن ته 2 ??يبروري تي بهاولپور ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو، 5 فيبروري تي ملتان ۾ پارٽي ڪنوينشن ۽ 6 فيبروري تي تنظيمي اجلاس منعقد ٿيندو، 9 فيبروري تي مريم نواز ايبٽ آباد ۾ ڪنوينشن کي ??طاب ڪندي ۽ 10 فيبروري تي ايبٽ آباد ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو، 15 فيبروري تي ڊيره غازي خان ۾ ڪنوينشن ۽ جلسي کي مريم نواز خطاب ڪندي ۽ 16 فيبروري تي ڊي جي خان ۾ پارٽي جي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي، 19 فيبروري تي راولپنڊي ۾ ورڪرز ڪنوينشن ٿيندو، جڏهن ته 20 فيبروري تي تنظيمي اجلاس ٿيندو، 23 فيبروري تي مريم نواز شريف سرگوڌا ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي ??طاب ڪندي ۽ 24 فيبروري تي مريم نواز سرگوڌا ۾ پارٽي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي، 27 فيبروري تي ساهيوال ۾ ورڪرز ڪنوينشن ٿيندو ۽ 28 فيبروري تي مريم نواز پارٽي جي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي، 3 مارچ تي گوجرانوالا ۾ ڪنوينشن ۽ 4 مارچ تي تنظيمي اجلاس ٿيندو، 7 مارچ تي شيخوپوره ۾ ڪنوينشن ۽ 8 مارچ تي پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو، 11 مارچ تي فيصل آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪنوينشن ۽ 12 مارچ تي پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو، مريم نواز پشاور ۾ 15 مارچ تي پارٽي ڪنوينشن کي ??طاب ڪندي ۽ 16 مارچ تي تنظيمي اجلاس ٿيندو. پارٽي ترجمان موجب لاهور ڊويزن ۾ 19 مارچ تي ڪنوينشن ۽ 20 مارچ تي تنظيمي اجلاس ٿيندو. مريم نواز شريف 23 مارچ تي ڪوئيٽا ويندي ۽ ورڪرز ڪنوينشن کي ??طاب ڪندي، 24 مارچ تي ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جو تنظيمي اجلاس ٿيندو، ڪراچي ۾ ورڪرز ڪنوينشن 27 مارچ تي ٿيندو، جڏهن ته 28 مارچ تي پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري موجب مريم نواز 11 فيبروري تي اسلام آباد ۾ پارٽي ڪنوينشن کي ??طاب ڪندي جڏهن ته 12 فيبروري تي اسلام آباد جي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي.