اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ زلزلي سبب تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان تباهي ج?? شدت دنيا جو اجتماعي ڌيان گهري رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي و??ير چيو ته ترڪيه، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ وڏي جاني نقصان سبب ڏک آهي. مت??ثر خاندانن سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته دنيا قدرتي آفتن جي مقابلي لاء?? متحد نه ٿي ته ڪير به نه بچندو. هن چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ مت??ثر ملڪن جي عوام سان گڏ آهيون، الله تعاليٰ مارجي ويلن جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري و??ير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.