اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سريلنڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڌ کان وڌ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، جن کي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظها?? سريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن وقت سريلنڪا جا 20 سينيئر سول سرونٽس اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ريليشنز، پيس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، پبلڪ پاليسي ليڊرشپ ۽ مئنيجمينٽ بابت ٻن هفتن جي تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر بيوروڪريسي تي زور ڏن?? ته اهي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، نظام جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ تيز رفتار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ تي ڌيان ڏين. هن چي?? ته اسرندڙ ملڪن کي تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ م??د جي لاءِ تيز فيصلا ڪرڻ گهرجن. صدر چي?? ته بيورڪريٽس ۽ سياستدانن کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي لاءِ فڪري رستا ٺاهڻ جي لاءِ وقت سر فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن چي?? ته فڪري برتري قومن کي عظيم بڻائيندي آهي. رياستن کي علمي معيشتن کي ترقي ڏيڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چي?? ته اسرندڙ ملڪ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏئي ۽ سازگار ڪاروباري پاليسيون اختيار ڪري تيز رفتار اقتصادي ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا. صدر اسرندڙ ملڪن بابت اهڙن مالي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مالي طور تي وڌيڪ نظم ۽ ضبط اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي به روشني وڌي. هن وڌيڪ چي?? ته خراب معاشي فيصلن جو خميازو اڪيلي عام ماڻهو تي نه ٿو وجهي سگهجي ۽ اشرافيه کي به ملڪ جي بهتري لاءِ بار ورهائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چي?? ته فيصلاسازن ۽ بيوروڪريسي کي ماڻهن جي مسئلن جي حل ۾ م??د جي لاءِ پنهنجا رويا ۽ ذهنيت تبديل ڪرڻي پوندي. علائقائي تعاون بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي صدر ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چي?? ته ان سان خطي جي ماڻهن ۾ وڌيڪ خوشحالي ايندي. هن وڌيڪ چي?? ته اسرندڙ ملڪن کي عالمي پولرائيزيشن کان پري رهڻ گهرجي ۽ خواندگي، صحت، موسمياتي تبديلين، گلوبل وارمنگ ۽ علائقائي تعاون کي بهتر بڻائڻ جهڙن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٽريننگ ۾ شرڪت ڪندڙ دوست ملڪن جي سول سرونٽس کي تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪوششن کي ساراهيو. سريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس هن وقت هڪ ايگزيڪيوٽو ٽريننگ پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ سريلنڪا جي سول سرونٽس ۽ اڪيڊمين جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سول سرونٽس کي جديد علم ۽ ٽيڪنڪ فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سٺي حڪمراني ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.