اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ل??گ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اڄ جمعي ڏينهن فيصل آباد ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پاڪستان مسلم ل??گ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته مريم نواز اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي فيصل آباد پهچي رهي آهي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. مسلم ل??گ (ن) پنجاب جو صدر راڻا ثناءُ الله خان پڻ ساڻس گڏ هوندو. سڀاڻي 11 مارچ تي فيصل آباد ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقا??ي صدر ۽ جنر?? سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪندي. وا??ح رهي ته مريم نواز پهرين فيبروري کان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، سرگوڌا، ساهيوال ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.