اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي دعوت تي خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي جنهن ۾ عام ??ونڊون منعقد ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر ۽ گورنر آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۽ پهرين مارچ جي سپريم ڪورٽ جي ح??م جي روشني ۾ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مشورو ڏنو ته گورنر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي ح??م تي عملدرآمد ڪري، اٽڪل 2 هفتا گذري ويا، مُشڪلاتن کان بچڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي. صدر آئين جي پاسداري ۽ مقرر مدي جي اندر عام ??ونڊون منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مقرر وقت ۾ چونڊون آئين لازمي ??رار ڏنيون، سپريم ڪورٽ توثيق ڪئي آهي، مقرر وقت ۾ چونڊون ملڪ ۾ پارليا??ان?? جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهن.