ڪوئيٽا – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان بي اي پي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچ??پي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ سياسي پارٽي پاران ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافي، جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي سياست جي مذمت ڪئي جڏهن ته ملاقات ۾ قوم پاران منفي سيا??ت کي رد ڪري پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جي حل تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي عملي تعاون کانسواءِ ممڪن نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي احساس محرومي جي ش??ار ننڍن صوبن کي اهميت ڏي ٿي. هن يقين ڏي??ريو ته هو بلوچستان جي مالي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن سان ڳالهه ڪندو.