اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ع??را?? خان ڪوڙ سان ماڻهن جي ذهن سازي ڪري انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري، ع??را?? خان پن??نجي ڪڌي ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي وٺي جن جي ٻارن کي گ??را??ه ڪري آزمائش ۾ وڌو. اها ڳالهه هن پي ٽي آءِ چيئرمين ع??را?? خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ چئي. ع??را?? خان پن??نجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر شهزاد اعواڻ بابت پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هڪ تصوير جو حوالو ڏنو ته پارٽي ڇڏڻ کان انڪار تي ملڪ شهزاد اعواڻ جي قافلي کي باهه لڳائي وئي جنهن تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها تصوير هڪ سال پراڻي نوشهره ۾ موجود آئل ڊيپو ۾ لڳندڙ باهه جي آهي. ع??را?? خان 19 سالن کان ماڻهن کي ڪوڙي، جعلي تصويرن ۽ مصنوعي بيانيي سان ذهن سازي ڪري بيوقوف بڻايو ۽ انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري. مريم اورنگزيب ع??را?? خان کي مشورو ڏنو ته اهي پن??نجي مجروح اناءَ جي تسڪين جي لاءِ آرام سان ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي رات جو ڪاميڊي شو هڻندو ڪري، ڪنهن رات شو ۾ پن??نجي ڪڌي ۽ ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي به وٺي جن جي ٻارن کي گ??را??ه ڪري آزمائش ۾ وڌو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ع??را?? خان انهن شهيدن ۽ غازين جي خاندانن کان معافي وٺي جن جي دل هن زخمي ڪيا آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پن??نجي بندن جي حقن جي خلاف ورزي معافي نه ٿو فرمائي.