اسلا?? آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انساني حقن واري ڊويزن جي 12 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ ڪل 814 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام موجب حڪومت انساني حقن واري وارت جي جاري ترقياتي منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 184.295 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن تحت انساني حق انفارميشن مئنيجمينٽ سسٽم (ايڇ آر آئي ايم ايس) جي لاءِ 8 ملين رپ??ا، انساني حقن واري وزارت ۾ پي ايم يو قائم ڪرڻ جي لاءِ 23 ملين رپ??ا، ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن ۾ پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 5 ملين رپ??ا، خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيندڙ ضلعن ۾ انساني حقن جي ذيلي آفيسون قائم ڪرڻ جي لاءِ 19 ملين رپ??ا، انساني حق آگاهي پروگرام جي لاءِ 18 ملين رپ??ا، انساني حق ڪوآرڊينيشن اينڊ مانيٽرنگ يونٽ جي لاءِ 19 ملين رپ??ا، انساني حق ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ 8.795 ملين رپ??ا، انساني حقن واري وزارت جي اداراجاتي مضبوطي جي لاءِ 31 ملين رپ??ا، اسلا?? آباد ۾ ٽرانس جينڊر پروٽيڪشن سينٽر جي پائليٽ پروگرام جي لاءِ 15 ملين رپ??ا، اسلا?? آباد جي نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ خصوصي ٻارن جي تعليم جي پائليٽ پروگرام جي لاءِ 10 ملين رپ??ا، اسلا?? آباد ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ سينٽر جي تعمير جي پي سي ٽو جي فزيبلٽي اسٽڊي جي لاءِ 7.500 ملين رپيا جڏهن ته اسلا?? آباد جي ايڇ – 9 سيڪٽر ۾ چائيلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاء?? زمين حاصل ڪرڻ، فزيبلٽي اسٽڊي، ڊيزائن، بائونڊري وال جي تعمير جي لاءِ 10 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انساني حقن واري وزارت جي لاءِ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت نئين اسڪيم کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نئين اسڪيم تحت اسلا?? آباد ۾ ڇوڪرين جي لاءِ چائيلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 15.705 ملين رپ??ا، انساني حق تربيتي سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ 114 ملين رپيا جڏهن ??ه وزيراعظم جي وومين موبيليٽي/ وومين آن وهيلز بابت اسٽريٽجڪ ريفارم انيشي ايٽو جي لاءِ 500 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.