اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گل چاڙهيا. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر ا??هام عليوف جي دعوت تي باڪو آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گل چاڙهيا. وزيراعظم ڪجهه دير کانپوءِ آذربائيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر ا??هام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ڪانف??نس ڪندا. ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان اڄ آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي.