اسلام آباد – 06 –جو??اء?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سوئيڊن ۾ عيدالاضحيٰ جي ڏينهن قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي اشتعال انگيز ڪارروائي جو مقصد مسلمانن ۽ عيسائين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، سوئيڊن ۾ پيش ايندڙ واقعو انتهائي مذمت جوڳو آهي ۽ ان سان اربين مسلمانن جا دل ڏکيا آهن، اسان سمورن مذهبن جو احترام ڪريون ٿا ته جيئن اسان جي مقدس ڪتاب تي ڪير آڱر نه کڻي سگهي، اسان اظهار جي آزادي جي خلاف نه آهيون پر ان جي آڙ ۾ ڪنهن جي مذهب ۽ مقدس شخصيتن جي بي حرمتي، پروپئگنڊه ۽ زهر پکيڙڻ ج?? دنيا جو ڪو به قانون اجازت نه ٿو ڏي، اسان کي ??سلام?? دنيا سان گڏجي هڪ مضبوط آواز اٿارڻ گهرجي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ??طاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تازن ڏينهن ۾ سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم کي ??اڙڻ جي ڪڌي واقعي تي اڄ اسان سڀ هتي ڏکويل دل سان جمع آهيون، ان ڪڌي حرڪت سان پوري اسلام?? دنيا ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڊوڙيل آهي. وزيراعظم چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس وسيلي اسان پوري مسلمان امت ۽ پاڪستاني عوام جا جذبا پور?? دنيا ۾ هڪ زبان ٿي پهچائڻ چاهيون ٿا، گڏيل اجلاس ان ڪڌي حرڪت جي نه رڳو ڀرپور مذمت ڪري پر اهڙا قدم ۽ سفارشون به تجويز ڪري جنهن ۾ اڳتي جي ??اء?? اهڙي قسم جي ڪڌي واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي. هن اسپيڪر کي ??ن حوالي سان ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني ۽ چيو ته اهي سفارشون اسان نه رڳو پاڪستان جي لاڳاپيل ادارن پر دنيا جي مختلف فورمز کي ??ه پهچائينداسين ته جيئن قيامت تائين اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر رونما نه ٿين. وزيراعظم چيو ته قرآن ڪريم الله تعاليٰ جو آخري ڪتاب آهي جيڪو اسان جي پياري نبي ڪريم ﷺ تي نازل ٿيو، اها قرآن ڪريم جي حڪمت آهي، ته پور?? دنيا کي ??من، محبت، ايثار ۽ صبر ۽ تحمل جي تلقين ڪري ٿو، قرآن ڪريم ۾ حضرت مريم ۽ حضرت عيسيٰ سميت ڪيترن ئي نبين جو ذڪر آيو آهي، بطور مسلمان اسان حضرت عيسيٰ کي نه رڳو الله جو نبي مڃون ٿا پر ان جي مذهب ۽ ڪتابن جو پڻ احترام ڪريون ٿا، مون ڪڏهن اهڙو ڪو واقعو ناهي ٻڌو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن بائبل جي بي حرمتي ڪئي وئي هجي، اسان سمورن مذهبن جو احترام ڪريون ٿا ته جيئن اسان جي مقدس ڪتاب تي ڪير آڱر نه کڻي سگهي. وزيراعظم چيو ته اسلام جي خلاف ڄاڻي واڻي اهڙي قسم جي اشتعال انگيزي جو مقصد مسلمانن ۽ عيسائين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، سوئيڊن ۾ پيش ايندڙ واقعو انتهائي مذمت جوڳو آهي ۽ ان سان اربين مسلمانن جا دل ڏکيا آهن. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوس جوڳي ۽ مذمت جوڳي آهي ته سوئيڊن جي پوليس هڪ خبيث شخص کي قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي اجازت ڏني، ڪنهن سوچيو به نه هو ته ڪنهن مع??شري ۾ پوليس پنهنجي سيڪيورٽي ۾ هڪ ذليل ۽ لعنتي کي ??ن ڪڌي حرڪت جي اجازت ڏيندي. وزيراعظم چيو ته هي ايوان سوئيڊن جي پوليس جي ڀرپور مذمت ڪري ۽ پور?? دنيا کي ٻڌائي ته اهو ناقابل برداشت آهي، وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ ۽ قران ڪريم جي حرمت تي پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪرڻ اسان جي ايمان جو حصو آهي، سڄي ملڪ ۾ جيڪڏهن سوئيڊن ۾ پيش ايندڙ واقعي تي جيڪڏهن پرامن ريليون ڪڍيون پيون وڃڻ ته ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته اسان ڪمزور آهيون ۽ اسان کي ??واب ڏيڻ نه ٿو اچي. وزيراعظم پوري قوم کي ??پيل ڪئي ته اها (اڄ) جمعي ڏينهن جمعي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ آواز ٿي يڪجهتي سان احتجاجي ريليون ڪڍي ته جيئن دنيا ڏسي ته اهڙي قسم جي ناقابل برداشت حرڪت جيڪڏهن اڳتي ڪنهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان کان ڪير گلا نه ڪري. وزيراعظم چيو ته سوئيڊن جي اشتعال انگيز واقعي جي پٺيان جيڪا ذهنيت آهي اها عيسائي ۽ اسلام?? دنيا ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، اسان کي ??ن خبيث شخص جي خباثت کي ??برت جو نشان بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان اسان قانوني چاره جوئي ڪري رهيا آهيون ۽ ان جي ??اء?? بهترين فورم او آءِ سي آهي، اسان جي درخواست تي او آءِ سي نه رڳو اجلاس طلب ڪيو پر قرارداد پڻ منظور ڪئي ۽ تجويزون پڻ ڏنيون، ان حوالي سان اسان سعودي عرب ۽ اسلام?? دنيا جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته پوري اسلام?? دنيا کي ??ن ڪڌي حرڪت تي پنهنجو آواز بلند ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيتوڻيڪ سوئيڊن جي حڪومت ان واقعي جي مذمت ڪئي آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پر سوال اهو آهي ته اهو واقعو رونما ٿيڻ ڇو ڏنو ويو، اهو هڪ سواليه نشان آهي جنهن جي ??اء?? سوئيڊن جي حڪومت کي پنهنجي پوزيشن ڪليئر ڪرڻي پوندي ۽ جواب ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسان اظهار جي آزادي جي خلاف نه آهيون پر ان جي آڙ ۾ ڪنهن جي مذهب ۽ مقدس شخصيتن جي بي حرمتي، پروپئگنڊه ۽ زهر پکيڙڻ ج?? دنيا جو ڪو به قانون اجازت نه ٿو ڏي، اسان کي ??سلام?? دنيا سان گڏجي هڪ مضبوط آواز اٿارڻ گهرجي ته سڄ?? دنيا جا اربين مسلمان اڳتي اهڙي قسم جي بدترين حرڪت کي ??رداشت نه ڪندا، سوئيڊن ۾ ان کان اڳ به اهڙي طرح جو هڪ واقعو رونما ٿيو هو، اها ڄاڻي واڻي اشتعال انگيزي پکيڙڻ جي سازش آهي. وزيراعظم نيوزيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم جيسينڊرا آرڊرن کي ??راج تحسين پيش ڪندي چيو ته عيسائ?? دنيا ۾ اهڙا اڳواڻ به آهن جن مسلمانن جي خلاف پرتشدد ??اقعن کانپوءِ نه رڳو نيوزيلينڊ جي مسلمانن کي ڳلي لڳايو ۽ انهن سان شفقت سان پيش آئي پر مسلمانن جي مذهبي ڏهاڙن ۾ پاڻ شرڪت ڪري انهن کي ??يڪيورٽي پڻ فراهم ڪئي، اهڙي قسم جي ليڊرن سان اسان کي ??وصلو ملي ٿو، پوري اسلام?? دنيا جيسينڊرا آرڊرن کي ياد ڪري ٿي جنهن مسلمانن ۽ عيسائين جي وچ ۾ دائمني امن قائم ڪرڻ جي ??اء?? موثر انداز ۾ ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کان خصوصي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪنداسين، ان اجلاس ۾ اسلام?? دنيا جا سربراهه نه رڳو مذمتي قرارداد منظور ڪن پر اڳتي جي ??اء?? اهڙن ملڪن جي تنبيهه پڻ جاري ڪن. وزيراعظم چيو ته پوپ فرانسز ان واقعي جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي جنهن اسان ان جا ٿورا مڃون ٿا، اهو هڪ مثبت قدم آهي ۽ ان سان مسلمانن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ ۾ مدد ??لندي. وزيراعظم چيو ته ايوان جيڪا متفقه قرارداد منظور ڪندو، ان جو اهو فرض بڻجي ٿو ته هو اها رڳو سوئيڊن جي حڪومت پر پور?? دنيا ۾ پهچائي ويندي، پرڏيهي آفيس به موثر انداز ۾ سفارتي محاذ تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.