اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽي جي ڇپ هيٺان دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀاتين جي لاءِ في ڪس 10 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽيءَ جي ڇپ ۾ دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀاتين جي لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. هن هر فوت ٿيندڙ ٻار جي گهرڀاتين جي لاءِ 10 لک رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ڇپ ڪرڻ سان زخمي ٿيندڙ شخص کي به و??ير??عظم پاران مالي امداد ڏني ويندي. و??ير??عظم مالي امداد جو اعلان پنهنجي صلاحڪار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر انجنيئر امي?? مقام جي درخواست تي ڪيو. انجنيئر امي?? مقام و??ير??عظم کي خط لکي مارتنگ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي امداد جي اپيل ڪئي هئي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف انجنيئر امي?? مقام کي متاثر خاندانن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.