اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون، اسان پاڪس??ان جي معاشي ترقي لاءِ هڪ اداري جي حيثيت سان مڪمل جانفشاني ۽ قلب ۽ روح سان ان مرحلي جي تڪميل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرايون ٿا. هو گرين پاڪس??ان انيشيٽو پاڪس??ان تحت غذائي تحفظ بابت رٿيل سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ان تقريب جو خاص مهمان هو. جڏهن ته سيمينار ۾ وفاقي وزيرن، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهرن، اعليٰ عسڪري آفيسرن ۽ سڄي ملڪ مان آبادگارن جي وڏي انگ کان علاوه بين الاقوامي مهمانن، برطانيه، اٽلي، اسپين، چين، بحرين، قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ سفارتڪارن ۽ سيڙپڪارن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اسان سڀ هتي پاڪس??ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسبز بنائڻ لاءِ جمع ٿيا آهيون، پاڪس??ان کي الله وڏين نعمتن سان نوازيو آهي، اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون. هن چيو ته الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيڻ، الله جي رحمت مان صرف ڪافر مايوس ٿيندا آهن. مسلمانن لاءِ ٻه ئي حالتون آهن جڏهن مصيبت اچي ته صبر ڪري ٿو، جڏهن خوشي ملي ته شڪر ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان کي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان کي ترقيءَ کان نٿي روڪي سگهي، ان??اءَ الله اسان وٽ هر طرح جي صلاحيت موجود آهي جيڪو پاڪس??ان جي عروج ت?? وٺي وڃي سگهي ٿو. مسلمان لاءِ نااُميدي ڪفر آهي.