اسلام آباد ??? 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انجنيئر امير مقام پشاور جي تازي دوري دوران ضم ٿيل ض??عن جي لاءِ يونيورسٽي قائم ڪرڻ سان انهن علائقن جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.