اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ طوفاني برساتن سان قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ ع??ام پاران بيجنگ ۾ جاري طوفاني برساتن ۾ قيمتي جاني نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. اسان جون همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڏکويل خاندانن سان گڏ آ??ن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏيل دوست ۽ حصيدار آهن، جن جون تڪليفون ۽ پريشانيون گڏيل آهن. سڄي پاڪستاني قوم ڏک ج?? هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آ??ي. وزيراعظم چيو ته مشڪل ج?? هن گهڙيءَ ۾ بيجنگ جي عوام جي هر ممڪن مدد جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.