گلگت – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت ۾ دل جي مرض جي اس??تال ۾ او پي ڊي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. نگران وزيرا??ظم دل جي مرض جي اس??تال جو دورو ڪيو ۽ تختي جي نقاب ڪشائي ڪري او پي ڊي جو افتتاح ڪيو. 50 بسترن تي ٻڌل اس??تال ۾ ايمرجنسي، آئي سي او، سي سي يو، ٻارن جي وارڊ ۽ سرجري سميت دل جي مرض جي علاج جون سموريون سهولتون موجود آهن. گلگت بلتستان ۾ دل جي مرض جي هي پهرين اس??تال آهي. نگران گهرو وفاقي وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو وڏو وزير گلبر خان ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نگران وزيرا??ظم کي اس??تال ۾ علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته جون 2024ع کان اس??تال مڪمل طور تي فعال ٿي ويندي.