نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي دوري دوران عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني

image

اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ??ه نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي دوري دوران عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو، اسرائيل جي حوالي سان ??اڪ??تان جي موقف ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي نه ئي ايندي، اسان ڪنهن جي پوئيواري نه ٿا ڪريون، پنهنجي قومي مفاد موجب فيصلا ڪريون ٿا، اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري حڪومت سرحد پار کان دهشتگرد حملن کي روڪيندي، سي پيڪ کي رول بيڪ ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ايندڙ سالن ۾ سي پيڪ وڌيڪ ترقي ڪندو، دنيا جا ڪي??رائي ملڪ ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن، غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن ملڪن جي پناهگيرن کي واپس وڃڻو پوندو، ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل سان ڀارت دنيا آڏو بي نقاب ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم آمريڪا جي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪيو، هن ان موقعي تي پائيدار ترقي جي هدفن جي حوالي سان اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي ??نه?? جو اهتمام سيڪريٽري جنرل ڪيو هو ۽ ڪي??رن ئي ملڪن جا سربراهه ان ۾ شريڪ ٿيا هئا، نگران وزيراعظم وبائي مرضن بابت اهم اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي، هن گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو جي حوالي سان منعقد اجلاس کي پڻ خطاب ڪيو ??نه?? جو اهتمام چين ڪيو هو. نگران پرڏيهي وزير ٻڌايو ته نگران وزيراعظم ان دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سان پڻ اهم ملاقاتون ڪيون جن ۾ ايراني صدر رئيسي کانسواءِ ازبڪستان جو صدر، چين جو نائب صدر، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، بل گيٽس، ريو ٽنٽو جو سي اي او پڻ شامل آهن، نگران وزيراعظم وائيس آف آمريڪا، واشنگٽن پوسٽ، سي اين اين، بلومبرگ، نيوز ويڪ، ٽي آر ٽي ورلڊ ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس سميت عالمي ميڊيا جي نمائندن کي انٽرويوز ڏنا، هن ??اڪ??تاني صحافين ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وفدن سان پڻ ملاقاتون ڪيون، نگران وزيراعظم يو ايس ??اڪ??تان بزنس ڪائونسل ۽ ڪائونسل آف فارن ريليشن جي عهديدارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ان کانسواءِ هو ايسوسيئيشن آف ??اڪ??تاني فزيشنز آف نارٿ آمريڪا جيڪا ??اڪ??تاني ڊاڪٽرن جي تنظيم آهي، سان پڻ ملاقات ڪئي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته نيويارڪ دوري ۾ منهنجون به تمام گهڻيون مصروفيتون رهيون، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن سان ڪوآرڊينيشن ميٽنگ ٿي ??نه?? ۾ او آءِ سي جي اڳتي جي حڪمت عملي جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، او آءِ سي ڪنٽيڪٽ گروپ آن ڄمون ۽ ڪشمير جيڪو اسان جي لاءِ تمام اهم گروپ آهي، جو پڻ اجلاس ٿيو ??نه?? ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڪشميري مسلمانن جي ڀرپور طريقي سان حمايت ڪئي ۽ ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته مون شنگهائي تعاون تنظيم جي وزارتي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. سيڪا، جي – 77 ۽ چين جو اسان جو گروپ آهي، ان جو اجلاس پڻ ٿيو، موسمياتي تبديلين بابت اجلاس ۾ پڻ ??اڪ??تان جي ڀرپور شرڪت رهي، 22 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان منهنجون ٻطرفيون ملاقاتون ٿيون جن ۾ يورپ، مڊل ايسٽ جي ملڪن جا پرڏيهي وزير پڻ شامل هئا، عرب ليگ ۽ جي سي سي جي سيڪريٽري جنرلز سان پڻ ملاقات ٿي، ٽي آر ٽي ورلڊ، الجزيره، يو اين ڪارسپانڊنٽس ايسوسيئيشن سميت ميڊيا جي مختلف ادارن سان منهنجي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ايشيا سوسائٽي، يو ايس ??اڪ??تان بزنس ڪائونسل فار انڊر اسٽينڊنگ جيڪو تمام اهم بزنس فورم آهي ??ميت مختلف ٿنڪ ٽينڪس سان به منهنجون ملاقاتون ٿيون، جلد آمريڪا ??اڪ??تان بزنس ڪائونسل جو وفد ??اڪ??تان ايندو، ان ملاقات جو مقصد آمريڪي سيڙپڪارن کي ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ هو، انهن کي خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، ??اڪ??تاني آمريڪن بزنس مينن جي گروپ پي – 21 جي وفد سان پڻ ملاقات ٿي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي لاءِ ??اڪ??تان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي پائمالين کي پڻ دنيا آڏو بي نقاب ڪيو، نگران وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) کي پورو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ان جي لاءِ ??اڪ??تان جيڪي قدم کنيا آهن انهن کي اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ??اڪ??تان جي اقتصادي صورتحال ۽ بهتري جي لاءِ کنيل قدمن بابت پڻ ڳالهه ڪئي، هن فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ??اڪ??تان جي موقف کي پڻ دنيا آڏو پيش ڪيو، نگران وزيراعظم ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پڻ ياد ڪرايو، ڪوپ – 27 ۾ ??اڪ??تان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي لاءِ معاونت جو اعلان ڪيو ويو هو، نگران وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان فنڊ جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ ۽ ان جي لاءِ ڪيل 100 ارب ڊالر جي واعدن کي پورو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. نگران وزيراعظم 50 سيڪڙو فنڊز وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اسرندڙ ملڪن ۾ خرچ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪو به فيصلو ڪندي پنهنجي قومي مفاد کي مٿانهون رکون ٿا، اسرائيل جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ??اڪ??تان ۾ اهڙي ڪا سوچ نه آهي، نگران وزيراعظم پنهنجي خطاب ۽ ان کانسواءِ او آءِ سي ڪنٽيڪٽ گروپ جي اجلاس ۾ جيڪو فلسطين جي مسئلي تي هو، ۾ به واضح انداز ۾ ان ڳالهه کي واضح ڪيو هو ته اسرائيلي فوج جي هٿان فلسطينين جي مٿان جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ ٿي رهيو آهي ??ن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ فلسطينين کي انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي ۽ اتي جيڪا آبادڪاري ٿي رهي ??هي ??ن کي بند ڪيو وڃي ۽ فلسطين جو مسئلو فلسطيني عوام جي امنگن موجب حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي خواهش آهي ??ه فلسطين 1967ع کان اڳ جي سرحدي حدبندي موجب هڪ آزاد رياست طور قائم ٿئي ۽ القدس الشريف ان جو گادي وارو شهر هجي، ??اڪ??تان پنهنجي ان اصولي موقف جو هر جڳهه تي اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسرائيل ۽ فلسطين تي ??اڪ??تان جي موقف ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، اسان ڪنهن جي پوئيواري نه ٿا ڪريون پر پنهنجي قومي مفاد جي بنياد تي فيصلا ڪريون ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن ڀيري ??اڪ??تان جو جيڪو وفد گڏيل قومن ۾ نمائندگي جي لاءِ ويو اهو نگران وزيراعظم، نگران پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي ??يڪريٽري تي ٻڌل هو ??نه?? دنيا آڏو ??اڪ??تان جو ڀرپور طريقي سان موقف پيش ڪيو. نگران وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان ٻطرفين ملاقاتن کانسواءِ درجنين ٻيون اهم ملاقاتون پڻ ڪيون آهن. هن چيو ته اسلامو فوبيا سمورن مسلمان ملڪن جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي ??نه?? تي نگران وزيراعظم ۽ مون پڻ ڳالهه ڪئي ۽ يو اين الائنس آف سولائزيشن جيڪو هڪ مضبوط گروپ آهي، جو پڻ اجلاس ٿيو ??نه?? ۾ ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان ۾ اها مثبت اڳڀرائي ٿي ته سمورن ملڪن اسلامو فوبيا جي لهر جي مذمت ڪئي ۽ اهو طئي ٿيو ته گڏيل قومون ان حوالي سان قدم کڻي، گڏيل قومن ان سلسلي ۾ ڪجهه قدم به کنيا آهن، 15 مارچ کي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ اسلامو فوبيا جي خلاف ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو، ڊينمارڪ پنهنجي پارليامينٽ ۾ هڪ بل متعارف ڪرايو آهي ??ه جيئن قرآن مجيد ۽ مقدس صحيفن جي بي حرمتي کي روڪي سگهجي، ٻيا ملڪ به ان حوالي سان قانونسازي ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن، او آءِ سي به پنهنجي ايندڙ اجلاس ۾ ان حوالي سان قدم کڻندي ??نه?? سان اسلامو فوبيا جي خلاف قدمن ۾ تيزي ايندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??اڪ??تان ڪنهن اڪيلائپ جو شڪار نه آهي، جن 22 پرڏيهي وزيرن سان منهنجي ملاقات ٿي انهن مان هڪ ٻن کي مون ملاقات جي درخواست ڪئي جڏهن ته اڪثر پرڏيهي وزيرن پاڻ مون سان ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، ??اڪ??تاني پرڏيهي ??فيس جا عملدار پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن ۾ اسان جو تمام اهم ڪردار هوندو آهي. نگران پرڏيهي وزير هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ واضح ڪيو ته فلسطين ۽ اسرائيل جي حوالي سان ??اڪ??تان جي موقف ۽ پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ??ئي، اسان فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺل هئاسين، بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين. افغانستان بابت سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن تي اسان کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي پر آئون اهو چوندس ته نه رڳو اسان کي پر پوري دنيا کي ڳڻتي آهي. هن چيو ته خوش آئنده ڳالهه اها آهي ??ه افغان حڪومت سان اسان جي ڳالهه ٻولهه جاري آهي ??نه?? ۾ اسان زور ڏنو آهي ??ه افغانستان مان ??اڪ??تان تي جيڪي حملا ٿي رهيا آهن ۽ اتي جن مختلف دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي آهي، انهن کي روڪڻ افغان حڪومت جي ذميواري آهي، ڪجهه مهينا اڳ چين ??اڪ??تان افغانستان ٽه ڌريي اجلاس کانپوءِ گڏيل بيان ۾ پڻ واعدو ڪيو ويو هو ته ??اڪ??تان جي خلاف افغان سرزمين جو استعمال بند ٿيندو، اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي واعدي جي پاسداري ڪندي ۽ اڳتي اهڙا واقعا نه ٿيندا. روس کان تيل ۽ ٻين شين جي خريداري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته روس سان ??اڪ??تان جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، دنيا جي ڪي??رن ئي ملڪن جا روس سان واپاري لاڳاپا آهن، ??اڪ??تان ڪو اهڙو ڪم ناهي ڪيو جيڪو ٻين ملڪن کان مختلف هجي، ??اڪ??تان روس کان خريداري ڪري ڪنهن عالمي قانون يا پابندي جي خلاف ورزي ناهي ڪئي. سي پيڪ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ ??اڪ??تان جي ترقي جو اهم جز آهي، ان کي رول بيڪ ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي ??نه?? ۾ زراعت، ريلويز، زراعت جي ترقي، ٽيڪنيڪي ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون سميت ڪي??ريون ئي شيون شامل آهن، ايندڙ سالن ۾ ??اڪ??تان چين اقتصادي لنگهه کي وڌيڪ ترقي ملندي، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ڪي??رائي ملڪ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، آمريڪي سيڙپڪار به ان ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا ۽ انهن جو وفد جلد ??اڪ??تان ايندو، زراعت، آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ايندي، 2.5 ارب ڊالر جو تازو روانگي واپار ايندڙ سالن ۾ 10 ارب ڊالر تائين وڌي ويندو. هن چيو ته معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي ۾ سيڙپڪاري ۾ به عرب ۽ نار ملڪ دلچسپي وٺي رهيا آهن، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ به جوائنٽ وينچرز ٿيندا، ڪي??رين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي ڪم ٿي رهيو آهي ??ن تي صحيحن جي حوالي سان وفد جلد ??اڪ??تان جو دورو ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سعودي قيادت جو ??اڪ??تان ۾ تمام گهڻو احترام ڪيو وڃي ٿو، جڏهن به سعودي قيادت ??اڪ??تان جو دورو ڪري ٿي ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??اڪ??تان پنهنجي جاگرافيائي سالميت ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ سمورا قدم کڻندو، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي سمورن آپشنز کي استعمال ۾ آڻينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان جي پناهگيرن جي حوالي سان پاليسي رڳو افغان پناهگيرن بابت نه آهي، ان پاليسي ۾ سمورن ملڪن جا غيرقانوني پناهگير شامل آهن، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ??ه سمورا غيرقانوني پناهگير پنهنجي ملڪن ۾ واپس وڃن، دنيا ۾ ڪو به ملڪ ڀلي يورپي هجي يا ڪو ٻيو، جيڪڏهن توهان غيرقانوني طور تي رهي ??هيا آهيو ته توهان کي ڪي?? به اتي رهڻ جي اجازت نه ٿو ڏي، ??اڪ??تان به اها پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ اسان ان جي مٿان سختي سان عملدرآمد ڪنداسين، جيڪي افغان پناهگير رجسٽرڊ ۽ قانوني طور تي رهن ٿا انهن کي ڪجهه نه چيو ويندو پر جيڪي غيرقانوني طور تي هتي رهي ??هيا آهن انهن کي واپس پنهنجي ملڪن ۾ وڃڻو پوندو. ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان جو قتل بدقسمتي آهي، ??اڪ??تان سالن کان چوندو رهيو آهي ??ه ڀارت اهڙي طرح جي واقعن ۾ ملوث آهي، ڀلي اهو ??اڪ??تان ۾ هجي يا ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾، اهو واقعو ??اڪ??تان جي موقف کي صحيح ثابت ڪري ٿو، ڀارت ڪي??ري ئي عرصي کان نه رڳو ??اڪ??تان پر ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن ۾ اهڙي قسم جي واقعن ۾ ملوث رهيو آهي ۽ جيترا به دهشتگرد گروپس آهن انهن کي سپورٽ ڪري ٿو، اسان عالمي برادري کي هڪ ڊوزيئر پڻ پيش ڪيو هو ??نه?? ۾ ڀارتي سرگرمين کان دنيا کي آگاهه ڪيو هو، هاڻي ڀارت ان کي هڪ عالمي ايجنڊا طور تي اختيار ڪيو آهي ۽ گڏيل قومن ۾ سمورن ملڪن جن سان اسان جو رابطو ٿيو، انهن ان حوالي سان پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اهو معاملو ايترو جلدي حل ٿيڻ وارو نه آهي، ڀارت پنهنجي چهري تي جيڪو هڪ جعلي نقاب چاڙهي ??کيو هو اهو لهي ويو آهي ۽ ڀارت دنيا آڏو بي نقاب ٿي ويو آهي، ڪي??رن ئي ملڪن ان واقعي جي عالمي جاچ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي، ڀارت اڃا تائين ان حوالي سان ڪو واضح جواب نه ڏئي سگهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي بهتر لاڳاپن جو خطي تي پڻ اثر پوندو، خطي جا سمورا ملڪ ان سان خوش آهن، پاڪ ايران گئس پائيپ لائين جو منصوبو هڪ عرصي کان تعطل جو شڪار آهي، اسان ان جي رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، ان حوالي سان ايران سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي ??هي.

مضمون کا ماخذ : پھل اور سات
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس