اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ٻه رياستي حل ۽ 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تي ??ڌل هڪ محفوظ، قابل عمل ۽ خودمختيار فل??طيني رياست جي قيام سان ممڪن آهي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فل??طين ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران کنيل قدمن کي ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ والاريل علائقي جي آبادياتي ??وعيت کي تبديل ڪرڻ جي مڪمل غيرقانوني ڪوشش سان نقل ڪيو آهي. ترجمان چيو ته فل??طيني عوام وانگر ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام به گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي منتظر آهي، جيڪي انهن جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪن ٿيُون. هن چيو ته نئون آبادياتي ??اضي سان ڳنڍيل بنياد فل??طين جي مسئلي وانگر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي ??وجود آهي. ترجمان چيو ته سڀاڻي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جا 76 سال مڪمل ٿي ويندا، ڀارتي ??ابض فوج 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجو غاصباڻو قبضو ڪيو، اهڙي طرح ڪشميري عوام جي لاءِ هڪ تاريخي باب جي شروعات ٿي. هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي زمين تي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڀارت پاران انهن کي طاقت جي ذريعي دٻائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي سرزمين تي بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منظم مهم کي قبول ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل نه ٿا ڪري وٺن.