اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي موٽروي ايم ون سيڪشن کان ??سلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين رستي جي عدم دستيابي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي چيو ته ممڪن ٿيو ته ن??ران ??ڪومت جي مدي ۾ ئي ان ??ي ڪم شروع ڪرايو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کان ??يندڙ مسافرن جي لاءِ موٽروي ايم ون سيڪشن کان ??سلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ طرف رستي جي عدم دستيابي سان ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سينيٽر محسن جيڪو معاملو اٿاريو آهي ۽ جيڪا تجويز هن پيش ڪئي آهي اها تمام مناسب آهي، خيبرپختونخواهه مان ??يندڙ ماڻهن جي تڪليفن جو ازالو ٿيڻ گهرجي، اهو معاملو اڄ ئي لاڳاپيل وزارت جي نوٽيس ۾ آندو ويندو ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿيو ته موجوده ن??ران ??ڪومت جي مدي ۾ ئي اهو منصوبو شروع ڪيو ويندو. سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي هدايت ڪئي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ منصوبابندي ڊويزن ان ??والي سان منصوبو تيار ڪن ۽ حڪومت ان لاءِ فنڊز فراهم ڪري.