اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪستان ۾ تياري جي لاءِ قدمن جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پ??لي??ي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چل فائونڊيشن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات د??ران ڳالهائيند?? ڪيو جنهن ??يو??ن صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??يو??ن صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خصوصي ماڻهن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد صدر کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ چل فائونڊيشن جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضون سميت معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي بح??لي?? ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد صدر کي فائونڊيشن جي مختلف منصوبن، خصوصي ماڻهن جي ض??ورتن بابت پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.