اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ 2024ع جو انعقاد پاڪست??ن جي لاءِ اعزاز جو سبب آهي. اها ڳالهه هن قومي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان به موجود هو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سربراهه ڪانفرنس 10 ۽ 11 جنوري تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪست??ن جي ت??ري?? ۾ اها ڪانفرنس پهريون ڀيرو ٿي رهي آهي، جيڪا پاڪست??ن جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها ڪانفرنس انسانن جي صحت بابت آهي. عوام جي صحت بابت مسئلا ئي اصل م??ئلا آهن. ان موقعي ??ي قومي صحت واري نگران وفاقي وزير صحافين کي ڪانفرنس جي حوالي سان تفصيلن بابت پڻ آگاهه ڪيو.