اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان عوامي جمهوريه چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل فائدي جي لاءِ معيشت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش و ورجاءُ ڪيو ويو. پاڪستان جي دوري تي آيل چيني نائب پرڏيهي وزير وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زيڊونگ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ت?? چين هڪ تمام ئي عزيز دوست آهي جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سي پيڪ منصوبن پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ت?? پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ چين جو تعاون پاڪستان جي صنعتي ترقي جي لاءِ اهم هوندو. هن چيو ت?? ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. هن پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ چين جي تعاون کي ساراهيو. صدر چيو ت?? پاڪستان پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ آءِ ٽي، تعليم، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ت?? پاڪستان ۽ چين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا ۽ مختلف فورمز تي تعاون ڪن ٿا. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ت?? پاڪستان ”ون چائنا“ ??ال??سي، تائيوان، هانگ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين سميت سمورن بنيادي مسئلن تي چين جي حم??يت جاري رکندو. هن چيو ت?? پاڪستان قومي ترقي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ان جي اصولي موقف جي حم??يت ڪرڻ تي چين جو ٿورائتو آهي. چين جي نائب پرڏيهي وزير چيو ت?? پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي هڪ پراڻي تاريخ آهي جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. هن مارچ 2020ع ۾ ڪوويڊ 19 جي وبا دوران چين جي دوري تي صدر پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ت?? چين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سندس حم??يت کي سدائين ياد رکيو ويندو.