اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ??ام چونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان منعقد ڪيون آهن، مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي عزم تحت چونڊن جو بندوبست ڪيو ويو، عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تنظيمن جا بيان ناقابل ترديد حقيقن کي نظرانداز ڪن ٿا، انٽرنيٽ جي بندش د??شتگردي کان ??چڻ لاءِ هئي. جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و ته عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تنظيمن جي بيانن کي ??ٺو آهي، انهن بيانن ۾ ناڪاري لهجي تي حيرانگي ٿي آهي، ڪجهه بيان چ??نڊ عمل جي پيچيدگي کي نظر ۾ نٿا رکن ?? نه ئي ڪروڙين پاڪستانين جي ووٽ جي حق جي آزاداڻي ۽ پراجوش استعمال کي تسليم ڪن ٿا، اهي بيان ناقابل ترديد حقيقتن کي نظرانداز ڪن ٿا. ترجمان چ??و ته عام چونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان ٿيون آهن، غير ملڪي اسپانسر ٿيل دهشتگردي کان ??يڪيورٽي کي درپيش خطرن کي منهن ڏنو ويو. ترجمان چ??و ته ڪجهه بيانن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بندش نه هئي صرف چونڊن واري ڏينهن موبائيل سروس کي بند ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي کان ??چي سگهجي. چونڊ مشق ان ??والي سان ??دشن کي غلط ثابت ڪيو آهي. پاڪستان پنهنجي واعدي موجب هڪ مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ چونڊن جو بندوبست ڪيو آهي. ترجمان چ??و ته اسان پنهنجي دوستن طرفان ??عميري تنقيد کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، چونڊ عمل جي تڪميل سان ناڪاري بيان نه ته تعميري ?? نه ئي بامقصد آهن، ترجمان چ??و ته پاڪستان متحرڪ جمهوري سياست لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندو. هر چونڊ ۽ اقتدار جي منتقلي اسان کي هن منزل جي ويجهو ڪندي. هن چ??و ته اسان ??هو ڪم ڪنهن ٻي جي خدشن سبب نه پر پنهنجي عوام جي خواهشن ۽ اسان ??ي بانين جي ويزن موجب ڪري رهيا آهن.