اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوئٽزرلينڊ جي صدر کي قائداعظم جي ڀاءُ بابت دستاويز تحفي ۾ ڏيڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ هن سوئٽزرلينڊ جي صدر کي خط ۾ احمد علي جناح جي زندگي بابت دستاويزن جي ڪاپي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي ??رخ??است ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته احمد علي جناح جي زندگي جا تفصيل، تصويرون ۽ تاريخ جو مجموعو ??يورخ سٽي آرڪائيوز جي ملڪيت ۾ آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي ت??ريخي حيثيت ۽ اهميت جي ڏس ۾ دستاويزن تائين پهچ پاڪستاني عوام جي لاءِ قومي اهميت رکندڙ آهي. خط ۾ سندس چوڻ هو ته خاتون اول ثمينه علوي جنوري 2024ع ۾ زيورخ آرڪائيوز جو دورو ڪيو، خاتون دستاويز پڙهڻ کانپوءِ معاملي ۾ دلچسپي ورتي. سوئٽزرلينڊ کي ??رخ??است آهي ته دستاويزن جو مجموعو نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان کي ت??في طور فراهم ڪيو وڃي.