مظفر آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران آزاد ڪشمير ۾ برساتن ۽ برفباري جي متاثرين کي 13 مارچ تائين معاوضو ادا ڪيو ويندو، متاثرين کي پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، پاڪستان کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اسان کي پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي اتحاد ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌڻو پوندو، وقت اچي ويو آهي ته معيشت جي حوالي سان وڏا فيصلا ڪيا وڃن جيڪي اشرافيه جي ل??ءِ بيشڪ سخت آهن پر ان جو فائدو عام ماڻهو کي پهچي. هن اها ڳالهه آزاد ڪشمير ۾ برساتن ۽ برفباري جي متاثرين سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. ان موقعي تي وزيراع??م محمد شهباز شريف برساتن ۽ برفباري ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي ۾ امدادي چيڪ ورهايا. ان کان اڳ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق پاران وزيراعظم شهباز شريف کي تازين برساتن سان آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ نقصانن تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته برفباري سان آزاد ڪشمير ۾ 8 ماڻهو فوت ٿيا، 88 گ??ر مڪمل طور تي تباهه ٿيا جڏهن ته 281 گهرن ۽ 26 دڪانن کي جزوي نقصان پهتو. وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ برساتن سان جاني نقصان جو ازالو انساني وس ۾ نه آهي اهو سڀ الله جي رضا ??هي?? اسان فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ل??ءِ دعاڳو آهيون، آئون انهن جي خاندانن سان پوري قوم ۽ وفاقي حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ۽ افسوس ڪرڻ آيو ??هي??ن. هن چيو ته مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ اسان متاثرين سان گڏ بيٺل آهيون. هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته ان سان گڏجي متاثرين کي پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته فوت ٿيندڙن جي پونئيرن ۾ وفاقي حڪومت پاران 20 لک رپيا في ڪس جا امدادي چيڪ ورهايا آهن، جيتوڻيڪ انساني جان جي ڪا قيمت نه ??هي?? جڏهن ته حڪومت جي ذميواري آهي ته فوت ٿيندڙن جي تيم ٻارن جي ڪفالت ڪري ۽ اها متاثرين سان گڏ بيهي ۽ انهن جي ??ر ممڪن مدد ڪري. وزيراعظم چيو ته زخمين کي 5 لک رپين جي امداد ڏني ويندي. مڪمل تباهه ٿيل گهرن تي وفاق پاران 7 لک رپيا ۽ جزوي نقصان تي ساڍا ٽي لک رپيا في ڪس ڏنا ويندا، ان جي ورڇ هڪ منصفاڻي نظام تحت ٿيندي. اميد آهي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت جو عملو موقعي تي وڃي جائزو وٺندو. اين ڊي ايم اي آزاد ڪشمير جي حڪومت سان گڏجي يقيني بڻائيندو ته ڪنهن مستحق جو حق نه ماريو وڃي، ان سان گڏ متاثرين جي ل??ءِ آزاد ڪشمير جي حڪومت پنهنجي طور تي به امداد ڪري سگهي ٿي. شهباز شريف چيو ته 13 مارچ تائين متاثرين جي ل??ءِ اها امداد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته آزاد ڪشمير هڪ جابلو ۽ ڏکئي علائقي تي ٻڌل خوبصورت علائقو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم برفباري ۽ برساتن ۾ متاثرين جي فوري امداد جي ل??ءِ هيلي ڪاپٽر جو جائز مطالبو ڪيو آهي. ان جي ل??ءِ اين ڊي ايم اي فوري طور تي هيلي ڪاپٽر فراهم ڪندو. هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو جلد اهو هيلي ڪاپٽر خريد ڪري جيڪو رڳو انهن علائقن جي ل??ءِ مخصوص هوندو. شهباز شريف چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي اهو ئي قائداعظم جو فرمان ??هي?? ڪشمير جا ماڻهو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي يقين ڏياريون ٿا ته جيڪي اعلان ڪيا آهن انهن جي مقرر تاريخ تي تڪميل ٿيندي ته جيئن پنهنجي گهرن جي تعمير ڪري سگهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان ترقياتي ڪمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، انهن جي ل??ءِ جدا انفراسٽرڪچر جي ل??ءِ تمام گهڻو وقت گهربل ??هي?? ان جي ل??ءِ متبادل نظام جي ل??ءِ صوبائي حڪومتن سانگ ڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين. انهن ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم جي ل??ءِ مسجدن ي پڻ مرڪز بڻائي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ روڊ انفراسٽرڪچر جيڪڏهن فعال نه هوندو ته چ??پر، واپار ۽ ڪاروبار ۾ اضافو نه ٿي سگهندو، ان جي ل??ءِ سرمايو گهربل آهي. معاشي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هن وقت پاڪستان جي اوڳاڙين جي مد ۾ آمدني جو ڪاٿو هلندڙ مالي سال 12 کرب رپيا آهي. وڏي مقدار ۾ ٽيڪس چوري جي ڪري اوڳاڙين جي پوري رقم قومي خزاني ۾ نه ٿي اچي. هن چيو ته رڳو پي آءِ اي جو نقصان 825 ارب رپيا ??هي?? هر سال سرڪاري ادارا ڪيترائي سئو ارب رپين جو نقصان ڪن ٿا، 5 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجلي چوري ٿئي ٿي، اها بجلي چوري عام ماڻهو نه ٿو ڪري اهو مشڪل سان پنهنجو بل ادا ڪري ٿو. اهڙي پاڪستان جو خواب اسان جي وڏن نه سوچيو هو. درپيش معاشي مسئلن سان گڏوگڏ هڪ مافيا پاڪستان جي معاشي پاڙن کي 76 سالن کان ڪاٽي رهي ??هي?? جيڪڏهن اسان وٽ وسيلا نه هوندا ته اسڪول، اسپتالون ڪيئن ٺهنديُون، قدرتي آفتن کي ڪيئن منهن ڏينداسين، پنهنجي نوجوانن کي جديد تعليم جي زيور سان ليس ڪيئن ڪنداسين، انهن جي ل??ءِ نوڪرين جي ل??ءِ موقعا ڪيئن فراهم ڪنداسين، قوم کي اڄ اهي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته معيشت جي حوالي سان وڏا فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو ??هي?? اهي فيصلا اشرافيه جي ل??ءِ سخت هوندا پر ان جو فائدو عام ماڻهو کي پهچندو. ڪروڙين ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار جا موقعا ملندا ته جيئن نوجوان آءِ ٽي جا ايڪسپرٽ بڻجن ۽ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ روزگار ڪمائي سگهن، پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن، دنيا ۾ زندهه رهڻ جو اهو ئي رستو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ تباهه حال قومن پنهنجي شڪست کي محنت ۾ بدلائي ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان کي زرخيز زمين سان نوازيو، معدنيات جي دولت ڏني، نار ملڪ ترقي ويزن ۽ محنت جو ثمر هو، اسان کي به محنت ڪرڻي ??هي?? نفرت بدران محبت کي وڌائڻو ??هي?? اسان ذاتيات کان مٿانهون ۽ پسند ۽ ناپسند کي دفن ڪري پاڪستان جي عظيم تر مفاد جي ل??ءِ گڏ ٿيون ته يقين ڪريو 76 سالن جي نقصان جو نه رڳو ازالو ڪري سگهون ٿا پر ايندڙ سالن ۾ پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺندو. دنيا عمل سان بدلجندي، اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته جڏهن کان حلف کنيو آهي روزانو ملڪ جي معاشي صورتحال جي جائزي جي ل??ءِ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ويهان ٿو. وقت اچي ويو آهي ته اسان وچن ڪريون ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ٺاهيندڙن جي روحن کي سڪون پهچائڻو آهي ۽ پاڪستان کي قرضن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي ??هي?? دنيا ۾ ڪا شيءَ ناممڪن نه آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سدائين ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل رهيا. هن وزيراعظم کي ريسڪيو 1122 جي ل??ءِ هيلي ڪاپٽر جي فراهمي جي گذارش ڪئي ته جيئن برفباري يا رستن جي بندش جي صورتحال ۾ قيمتي جانين کي بچائي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم جي اچڻ ۽ يڪجهتي سان متاثرين ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت جي حوصلا افزائي ٿي آهي جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي شهيدن جي مغفرت جي ل??ءِ دعا ڪرائي وئي. اين ڊي ايم اي جو چيئرمين جنرل انعام، قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري ل??يف اڪبر، مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جو صدر شاهه غلام قادر، قومي اسيمبلي ميمبر عطاءُ الله تارڙ، چيف سيڪريٽري، آءِ جي، آزاد ڪشمير ڪابينا جا ميمبر ۽ برساتن ۽ برفباري کان متاثر ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو.