ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين ??نيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻ??ئڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي ڪاروباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين ??زنس مين گروپ محمد زبير موتي والا جي سربراهي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش مختلف مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ڪاروباري برادري جي ترقي سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لازمي آهي جنهن ۾ ڪاروباري برادري کي پنهنجي ڪم ۾ آساني ميسر هجي. هن چيو ته ملڪي واڌويجهه جي شرح ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي. هن ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙين ??نيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻ??ئڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن جي تعاون سانملڪي ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي. وفد حڪومت جي ڪاروبار دوستي پاليسين ??ي ڪري ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 72000 پ??ائ??ٽس جي بلند ترين ??طح عبور ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وفد وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو اهڙو وزيراعظم ڏٺو جيڪو ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ڪم اتان کان ئي شروع ڪري ٿو جتي ڇڏي ٿو ۽ ماضي ۾ کنيل قدمن تي عملدرآمد جي حڪمت عملي تي ڳالهه ڪري ٿو.