ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، روانگي واپار، صنعت ۽ ٻين شعبن تي ڌيان ڏيندي پن??نج?? معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان ڪسِتو ٽوڙي ڇڏيو آهي ڇو ته عالمي دنيا قرض يا امداد سان نه پر ڏينهن ??ات محنت ۽ لگن سان ترقي جون منزلون طئي ڪري ٿي، انهي جذبي سان اسان کي پاڻڀرائپ جي منزل کي حاصل ڪرڻو آهي، پاڪستان ۾ گڏيل منصوبن ۽ سيڙپڪاري ۾ گڏيل تعاون چاهيون ٿا، اسان کي محنت ۽ لگن سان ڪم ڪندي پاڻڀرائپ جي منزل کي حاصل ڪرڻو آهي، گذريل اڍائي مهينن ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ يو اي اي جي آءِ ٽي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد جي قيادت ۾ گڏيل عرب امارات ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، گڏيل عرب امارات هن وقت انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ۾ قائداڻو ڪر??ار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ??ه ان سان گڏوگڏ جديد رخن تي آءِ ٽي انفراسٽرڪچر قائم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بطور پاڪستاني اسان جي لاءِ اهو خوش آئنده آهي ته گڏيل عرب امارات جا هوشيار آءِ ٽي پروفيشنلز هتي موجود آهن ??ڏهن ??ه اهڙي طرح پاڪستان مان به هوشيار پروفيشنلز ??تي موجود آهن ??يڪي معيشت جي مختلف شعبن کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پن??نج?? آبادي جنهن ۾ اڪثريت نوجوانن جي اهي ان جي ڪري پاڪستان ۾ تما?? گهڻا موقعا موجود آهن، اسان جي آبادي جي 60 سيڪڙو اڪثريت 15 کان 30 سالن جي وچ ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته مون پن??نج?? حڪومت جي اڍائي مهينن دوران گهڻو وقت آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ تي لڳايو. وزيراعظم چيو ته زراعت، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پن??نج?? نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، روانگي واپار وڌائڻ، صنعت ۽ ٻين شعبن تي ڌيان ڏنو، آءِ ٽي پروفيشنلز معيشت جي سمورن شعبن ۾ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ ڪر??ار ادا ڪري رهيا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ به ڊيجيٽائيزيشن جو عمل مڪمل ٿئي. وزيراعظم چيو ته مستقبل تيل ۽ گئس تي ڀاڙڻ بدران نوجوانن جي تربيت ۽ ڊيجيٽل اڪانومي جي فروغ جهڙي نان آئل ۽ گئس اڪانومي تي ٻڌل هوندو. هن چيو ته شيخ محمد بن زيد جو اهو ويزن آهي ته نه رڳو خام مال جي امپورٽ ايڪسپورٽ پر خام مال کي ويليوايڊيڊ مصنوعات ۾ تبديل ڪري ان جي برآمدات ۾ يو اي اي جو نمايان ڪر??ار هجي ان تي اسان کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هو پاڪستان جو عظيم دوست ۽ معاون آهي، هو پن??نج?? عظيم والد جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي جيڪو هڪ ويزنري ليڊر هو، شيخ محمد بن زيد پاران معيشت ۾ آندل جدت قابل شڪ آهي. هن چيو ته هن ??ائونڊ ٽيبل سيشن ۾ شرڪت من??نج?? لاءِ اعزاز آهي، هي ويهڪ ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڪهڙي طرح هدفن کي حاصل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پن??نج?? معيشت جي هيئت تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جو عزم آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ موجود پن??نج?? ڀائرن جي تعاون سان پاڪستان جي معيشت جي شڪل کي مڪمل طور تي بدلائي ڇڏينداسين، جوائنٽ وينچرز ۽ ناليج شيئرنگ حصيداري جي بنياد تي اسان اهو ڪم ڪنداسين. هن چيو ته اسان ڪِستو ٽوڙي ڇڏيو آهي ڇو ته عالمي دنيا قرض يا امداد سان نه پر ڏينهن ??ات محنت سان ترقي جي منزل طئي ڪري ٿي، انهي جذبي سان اسان کي پاڻڀرائپ جي منزل کي حاصل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اڍائي مهينن جي گهٽ عرصي ۾ اسان پن??نج?? انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزارت کي بدلائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات جي صدر پن??نج?? والد وانگر سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، هن ??دائين هڪ خاندان وانگر پاڪستان جي مدد ڪئي، اسان پن??نج?? ڀائر ملڪ کان قرض نه ٿا چاهيون پر ان سان گڏيل سيڙپڪاري ۽ تعاون چاهيون ٿا جيڪو گڏيل مفاد جي لاءِ هجي. وزيراعظم چيو ته اسان جي پروگرام تحت اعليٰ سطح جي ووڪيشنل ٽريننگ ۽ جديد هنر سان ليس ڪرڻ شامل آهي ته جيئن اسان جي نوجوان نسل يو اي اي، ابوظهبي ۽ دبئي ۾ اچي قانوني گهرجون پوريون ڪري پن??نج?? آفيس قائم ڪري ۽ پاڪستان مان نوجوان خدمتون سرانجام ڏين جنهن ??ان روز??ار جا موقعا پيدا ٿين، ايس ايم ايز کي سپورٽ ملي ۽ آئون خطرو کڻڻ جي لاءِ تيار آهيان، آئون پن??نج?? ساٿين سان ان شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ تيار آهيان ڇو ته خطرو کڻڻ کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ تانيه ادريس ۽ آصف پير جي پاڪستان جي عوام جي لاءِ خدمتون حاصل ڪيون آهن. هن ??اصلاحيت آءِ ٽي پروفيشنلز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هو پاڪستان جو سفير آهي، اسان گڏيل عرب امارات کي مختلف شعبن ۾ ماضي ۾ تعاون فراهم ڪيو آهي، اهڙي طرح اسان هاڻي امار??تي قيادت کي گذارش ڪريون ٿا ته اها هاڻي اسان جي عوام کي تربيت ڏين. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سيشن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي، ايس آءِ ايف سي تحت سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اسان مختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي ان تي ڪم جاري آهي، حڪومت سنڀاليندي وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي پن??نج?? ترجيح قرار ڏنو، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. شزه فاطمه چيو ته واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي. رائونڊ ٽيبل سيشن ۾ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين جي وچ ۾ ٽن اهم مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. 800 هولڊنگ ۽ انفوٽيڪ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. انفو ٽيڪ ۽ منسيٽ جي وچ ۾ پڻ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ليب ويئر عربيه ۽ ميزون جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي آءِ ٽي سيڪٽر سان واڳيل پاڪستاني ۽ امار??تي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪامياب ڪاروبار ڪندڙ اتصالات، دبئي اسلامي بئنڪ سميت امار??تي مختلف ڪمپنين جي سربراهن کي ايوارڊز پڻ ڏنا.