اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ??سحاق ڊار اعليٰ سطحي ڪانفرنس ”ڪال فار ايڪشن: غزه جي لاءِ فوري انساني ردعمل” ۾ شرڪت جي لاءِ 10 ۽ 11 جُون تي اُردن جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو، پرڏيهي کاتي ??ي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان مُوجب ڪانفرنس جو اهتمام اردن جي شاهه ع??دا??له ٻه ابن الحسين، مصر جي صدر ع??دا??فتاح السيبي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوت??يس گڏيل طور تي ڪيو آهي. ڪانفرنس جو مقصد غزه ۾ خوفناڪ انساني صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل ردعمل تيار ڪرڻ آهي. ڪانفرنس جي موقعي تي نائب وزيراعظم جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. بيان موجب ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي م??لسل عزم ۽ فلسطين ڪاز جي لاءِ ان جي م??بوط ۽ پراڻي حمايت کي واضح ڪري ٿي.