اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) افغانس??ان بابت پاڪس??ان جي خصوصي نمائندي سفير آصف علي خان دراني دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانس??ان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪس??ان جي خصوصي نمائندي اجلاس ۾ افغانس??ان جي موجوده صورتحال تي پاڪس??ان جو موقف پيش ڪيو. هن افغانس??ان جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ افغانس??ان جي پناهگاهن مان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد سرگرمين سان لاڳو خطري کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪس??ان ۽ افغان عبوري حڪومت جي وچ ۾ پهرين جولاءِ 2024ع تي ٻطرفا اجلاس ٿيا جن ۾ ڌرين امن ۽ سلامتي سميت گڏيل ڳڻتي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪس??ان علائقائي استحڪام ۽ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانس??ان ج?? لاءِ پاڪس??ان جي عزم کي مضبوط بڻائڻ ج?? لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آصف علي خان دراني دهشتگردن جي پناهگاهن ۽ افغانس??ان ۾ دهشتگرد گروپن جي سپورٽ نيٽ ورڪس بابت پاڪس??ان جي خدشن کي پڻ اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي آمريڪا، چين،قطر، روس، ا??بڪستان، يورپي يونين، برطانيا، ناروي ۽ هالينڊ جي وفدن سان لاڀائتي ملاقات ڪئي. پاڪستاني وفد پاڪستان، افغانستان، ا??بڪس??ان ۽ قطر جي وچ ۾ چار ڌريي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ افغانس??ان جي رستي پاڪس??ان کي ازبڪس??ان سان ڳنڍيندڙ ريلوي منصوبي جو جائزو ورتو ويو.