اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد ق??ضي 27 جولاءِ ??ي لائو پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ۾ ٿيندڙ 31 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ ايشي?? پيسفڪ خطي بابت سياسي ۽ سلامتي جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۽ حصيداري جي ذريعي گڏيل حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندو. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد ق??ضي اجلاس ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري آسيان ريجنل فورم جي 31 هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي شر??ت ڪندڙ ??عز??ين سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.