اسلام آباد – 05 – ??گسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 7 آگسٽ تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ويندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ب??ان موجب اهو اجلاس فلسطين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي درخواست تي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن فلسطين ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي. ب??ان موجب فلسطيني ڪاز جي زبردست حامين مان هڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان سدائين او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمز تي پنهنجو آواز اٿارڻ ۾ سڀ کان اڳتي رهيو آهي. ب??ان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غيرمعمولي اجلاس ۾ نائب وزيراعظ?? غزه ۽ وچ اوڀر جي وسيع تر خطي جي خراب صورتحال تي پاڪستان جا سنجيده خدشا پيش ڪندو، هو امن جي فوري ضرورت ۽ غزه جي ماڻهن کي امداد جي فراهمي تي زور ڏيندو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفي??ن ملاقاتون ڪندو.