اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سردار اياز صاد?? چيو آهي ته مسجد نبوي جي امام شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهري ۽ پائيدار ل??ڳاپن جو مظهر آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا ڀائيچاري، اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب هر آزمائش ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن، عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلمان امت ۾ اتحاد، يڪجهتي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ وقت جي ضر??رت آهي. قومي اس??مبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن مسجد نبوي جي امام شيخ ڊاڪٽر صالح محمد بن البدير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير محمد نواف بن سعيد المالڪي، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، قومي اس??مبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، علي محمد خان، بئريسٽر گوهر علي خان، ملڪ عامر ڊوگر، مولانا فضل الرحمان، اسد قيصر، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ ٻيا قومي اس??مبلي جا ميمبر به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سردار اياز صادق چ??و ته مسجد نبوي جي امام جي پارليامينٽ آمد اسان لاءِ مسرت ۽ برڪت جي گهڙي آهي، مسجد نبوي جو مسلمانن جي دلين ۾ هڪ خاص مقام آهي. هن چ??و ته ڊاڪٽر شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسان جي پختي عزم جو ثبوت آهي. مسجد نبوي جي امام شيخ صالح بن محمد البدير چ??و ته پاڪستان جو دورو ڪري دلي خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۾ جيڪو خلوص ۽ محبت ملي اها ياد رهندي. هن چ??و ته شاندار استقبال ۽ مهمانوازي تي پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چ??و ته پاڪستان عالم اس??ام جو هڪ اهم ملڪ آهي، مسلمان ملڪن ۾ اتحاد کي هٿي خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر جي درخواست تي مسجد نبوي جي امام پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ مسلمان امت وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص دعا ڪئي.