اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبو هڪ تاريخي سنگ ميل آه??، جنهن سان پاڪستان جي ڊيجيٽل ادائيگين جي انفراسٽرڪچر کي سگهه ملندي، ان منصوبي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي شفاف ۽ موثر انداز ۾ رقم جي منتقلي ڪري سگهندا، ان منصوبي سان حوالا هُنڊي جو خاتمو ٿيندو، ناڻي واڌ ۾ اضافو ۽ ڪاروبار کي فروغ ملندو، زراعت، معيشت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري جا 5 سال ”هوم گرائونڊ اڪنامڪ پروگرام“ جو باضابطا اعلان ڪرڻ وڃي رهيا آه??ون. هو بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ??يو ته بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبو پاڪستان جو پهريون سرحد پار رقم جي منتقلي جو نظام آه??، جنهن سان عرب ملڪن مان جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي رقم جي منتقلي شفاف ۽ موثر انداز ۾ ٿي سگهندي. ان منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ڪارانداز ۽ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورائتا آه??ون. هي تمام اهم منصوبو آه?? ڇو ته ان سان پاڪستان جي ڊيجيٽل ادائيگين جي انفراسٽرڪچر کي سگهه ملندي. وزيراعظم ??يو ته اڄ اسان ڊيجيٽل گورننس جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آه??ون. ان تاريخي سنگ ميل سان عرب دنيا سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ۽ جديد رخن تي قائم ٿيندا. ان تاريخي منصوبي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهن??ي خاندانن جي وقت سر امداد ۽ رقم جي منتقلي ۾ مدد ملندي. بونا راست سان عوام کي سهولت ۽ ڪاروبار کي فروغ ملندو. ان منصوبي سان رقم جي منتقلي جي غيرروايتي چينل جو خاتمو ٿيندو. ان منصوبي سان ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيندو. حوالا هُنڊي سان رقم جي منتقلي جو خاتمو ٿيندو. ان منصوبي سان پاڪستان جي رقم جي ڊيجيٽل منتقلي جو بنيادي ڍانچو مضبوط ٿيندو. پنهنجي گڏيل ڪوششن ۽ ٽيم ورڪ سان هڪ ڏينهن اسان ملڪ کي درپيش چئلينجز منهن ڏيندي پنهنجي منزل ضرور حاصل ڪنداسين. وزيراعظم ??يو ته ايف بي آر ۾ وڏي پئماني تي سڌارن جو عمل جاري آه??، جنهن جي آئون ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آه??ان، ان جي لاءِ بل ملنڊا اينڊ گيٽس فائونڊيشن ۽ ڪارانداز جو مالي تعاون حاصل آه??، ان سان گڏوگڏ اسان کي ٻيو چئلينج توانائي جي شعبي ۾ درپيش آه??. ان کي اسان منهن ڏئي رهيا آه??ون ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ان جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويندا. وزيراعظم ??يو ته هو جلد هوم گرائونڊ اڪنامڪ پروگرام جو اعلان ڪرڻ وڃي رهيو آه??. ان ڏس ۾ سڀني ڌرين سان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان مشاورت جو سلسلو جاري آه??، هاڻي ان پروگرام کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. اهو اسان جو ايندڙ 5 سالن جو پروگرام هوندو ته ڪهڙي طرح اسان کي پنهنجي معيشت، زراعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آڻڻي آه??. وزيراعظم ??يو ته ڊيجيٽل راست نظام کي عرب مانيٽري فنڊ تحت بونا سان ڳنڍيو پيو وڃي. وزيراعظم ??يو ته اسان جي قوم تمام بهادر ۽ مضبوط آه??، اسان جي عوام ڀرپور صلاحيتن ۽ توانائين سان مالامال آه??، اسان کي ماضي وانگر وقت ضايع ناهي ڪرڻو پر هن ملڪ کي عظيم بڻائڻو آه??، ان جي لاءِ رڳو محنت اسان جو عزم آه??. ان موقعي تي بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي خطاب ڪندي ??يو ته اسان جي فائونڊيشن جو اهو عزم آه?? ته دنيا ۾ هر هڪ صحتمند ۽ بهتر زندگي گذاري سگهي. اسان سائوٿ ايشيا سميت سڄي دنيا ۾ عوام جي زندگي ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي جي لاءِ تنظيمن ۽ حڪومتن سان حصيداري تي فخر ڪريون ٿا. بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبي مان سڀ کان وڌيڪ عورتون فائدو کڻنديون. روايتي چينل سان رقم جي منتقلي محفوظ ۽ آساني سان ٿي سگهندي. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهن??ي خاندانن ڏانهن حفاظت سان رقم منتقل ڪري سگهن ٿا. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ??يو ته بونا راست منصوبو تمام گهڻي اهميت رکندڙ آه??. وزيراعظم جي قيادت ۾ معيشت بهتري طرف گامزن آه??. ملڪ ۾ مائيڪرو استحڪام اچي رهيو آه??، پاڪستاني رپئي جي قدر مستحڪم ٿي رهي آه??، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافوٿيو آه??، اسان جو ڊيجيٽل اڪانومي طرف وڌڻ خوش آئنده آه??. توانائي جي شعبي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي لاءِ پرعزم آه??ون. بونا رياست سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهو پنهنجي پيارن کي آساني سان رقم منتقل ڪري سگهندا. ان موقعي تي وزيراعظم بونا راست ڪنيڪٽيويٽي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪردار ۽ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت تي عرب مانيٽري فنڊ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهد الترڪي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد، ڊاڪٽر انيتا زيدي، وقاص الحسن کي شيلڊ پيش ڪئي.