اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪراچي ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون، ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو موجود آهي، تازين برساتن دوران ڪي – اليڪٽرڪ احتياطي قدمن تحت 300 فيڊر بند ڪيا، جيڪي واقعا پيش آيا انهن جو تعلق برسات سان آهي، ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪا ڪوتاهي سامهون ناهي آئي، لوڊشيڊنگ رڳو انهن علائقن ۾ ڪئي پئي وڃي جتي بجلي چوري يا لائين لاسز وڌيڪ آهن. هو قو??ي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قو??ي اسيمبلي ميمبرن سيد امين الحق، محمد معين عامر پيرزاده، نگهت شڪيل خان ۽ رعنا انصار جي ڪي – اليڪٽرڪ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏئي رهيو هو. اطلاعات واري و??اقي وزير چ??و ته ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڪري ڪي – اليڪٽرڪ احتياطي قدمن تحت پنهنجي 1800 فيڊرز مان 300 فيڊرز کي بند ڪيو، اهي فيڊرز انهن جاين تي بند ڪيا ويا جتي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو هو. هن چ??و ته جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ ڪراچي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، ڪرنٽ لڳڻ جو ڪو واقعو پيش نه آيو، 24 اهڙا واقعا ٿيا جيڪي گهرن ۾ اندروني وائرنگ ۽ شارٽ سرڪٽ جي ڪري پيش آيا، هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي جنهن جي جاچ ٿي ته ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪوتاهي سامهون نه آئي. هن چ??و ته ڪراچي ۾ تازين برساتن دوران 24 واقعا رپورٽ ٿيا، 24 فوتگيون ناهن ٿيون. اطلاعات واري و??اقي وزير چ??و ته جڏهن کان موجوده حڪومت وجود ۾ آئي آهي، ملڪ ۾ بجلي جي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، رڳو انهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي جتي بجلي چوري يا لائين لاسز وڌيڪ آهن، لوڊشيڊنگ انهي تناسب سان ڪئي پئي وڃي. هن چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف ڪي – اليڪٽرڪ سميت بجلي جي ٻين ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي مسلسل بريفنگ وٺي رهيو آهي. هن چ??و ته ڪيپسٽي جا مسئلا بلڪل نه آهن، ڪجهه علائقن ۾ ٽيڪنيڪل فالٽ جي ڪري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ٽيڪنيڪل فالٽ نه هجي ته لائين لاسز يا بجلي چوري جي ڪري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چ??و ته ڪراچي م ڪجهه واقعا ٿيا جن جو تعلق برسات سان آهي، ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪا ڪوتاهي نه ڏٺي وئي. هن چ??و ته ڪي – اليڪٽرڪ جي حوالي سان معاملو ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن اسيمبلي ميمبر جا خدشا ختم ٿي سگهن. اطلاعات واري و??اقي وزير چ??و ته ڪي – اليڪٽرڪ سولر ۽ ونڊز پاور پراجيڪٽس جي حوالي سان پنهنجي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، ان ۾ 7 بڊز آيون آهن، شفاف طريقي سان سولر ۽ ونڊز پاور جا پراجيڪٽ هنيا ويندا، ان سان ڪراچي جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيندا. ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو موجود آهي، جنهن جي ڪري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پون ٿيون. 300 فيڊرز به انهي جي ڪري بند ڪيا ويا. هن چ??و ته ڪيپسٽي پيمنٽس جي حوالي سان نيشنل ٽاسڪ فورس قائم آهي جيڪا پوري آءِ پي پيز جي نظام تي نظرثاني ڪري رهي آهي. ڪي – اليڪٽرڪ جي منصوبن تي پڻ ٽاسڪ فورس نظرثاني ڪندي، جيڪي خدشا آهن انهن کي ختم ڪيو ويندو. اطلاعات واري و??اقي وزير چ??و ته ڪنهن به اداري جي بجيٽ جي تياري ۾ ان جي آپريشنز ۽ مينٽيننس جي لاءِ جدا فنڊز رکيا وڃن ٿا، انهن فنڊز کي مرمت وغيره جي ڪمن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. هن چ??و ته جولاءِ دوران معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، جيڪي مسئلا آيا آهن اهي مرمت جي ڪم جي ڪري نه پر پاڻي جي نيڪال جي ڪري هئا. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان ان معاملي ۾ سٺي ڪوآرڊينيشن رهي آهي، پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان هن تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. توانائي واري وزير کي درخواست ڪنداسين ته ڪي – اليڪٽرڪ جي مينٽيننس بجيٽ وڌائي وڃي. اطلاعات واري و??اقي وزير چ??و ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه ماڻهن گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪيو ۽ زبردستي فيڊرز آن ڪيا، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان خوش اسلوبي سان معاملا هلي رهيا هئا، جهڙي طريقي سان گرڊ اسٽيشن تي وڃي فيڊرز کي آن ڪيو ويو اهو ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهجيو پئي. خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪا گرڊ اسٽيشن ٽرپ ڪري وڃي ته ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو. پيسڪو ان معاملي تي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، اسان جي درخواست آهي ته انهن معاملي کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪرڻ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي.