اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جو سيڪري??ري جنرل آرسينيو انتونيو منگويز ويلاسڪو پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ پاڪستان جي قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آ??ِ ايم او جي سيڪري??ري جنرل ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل رات پاڪستان پهتو آهي. ترجمان چيو ته آ??ِ ايم او جي ڪنهن سيڪري??ري جنرل جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جي سيڪري??ري جنرل اسلام آباد ۾ ”انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪانفرنس ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.