اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ??ي نگرا??ي ۾ ٿيندڙ کل جوڳي چونڊن جي پهرين مرحلي جي عالمي قانون ??ي نظر ۾ ڪا قانوني اهميت نه آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل لاڳاپيل ??راردادن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار گڏيل ??ومن ??ي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ڏيڻ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 14 سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪيترائي سياسي اڳواڻ نظربند آهن، ان لاءِ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ اهڙي چونڊ مشق صحيح نه آهي.