اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف اي??ان ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان اي??ان جي عوام ۽ حڪومت لاءِ همدردي ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏنو. وزيراعظم فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اي??ان جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهي??ن. ??ئي پاسي وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ايراني صدر ۽ اي??ان جي عوام سان اي??ان ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل قيمتي جانين جي نقصان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان جون همدرديون ۽ دعائون متاثڙ ماڻهن جي وارثن سان آهن. پاڪستان مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ايراني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.