اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ملائيشيا ڏانهن ??انورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??الهه پنهنجي م??ائيشيا جي هم منصب سان ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وزير ملائيشيا جي س??ڙپ??اري ۽ واپار واري وزير ٽينگو عبدالعزيز سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ پاڪستان مان ملائيشيا کي ايڪسپورٽ ٿيندڙ شين ۽ واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ واپار ۽ ٻين شعبن ۾ س??ڙپ??اري جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تقريبن سمورن شعبن ۾ ترقيءَ جا امڪان موجود آهن ۽ ملائيشيا جي س??ڙپ??ارن کي انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ اعليٰ معيار جا چانور ۽ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني انبن، حلال گوشت ۽ چانورن جي تمام گهڻي کپت آهي. هن ??يو ته ملائيشيا چانورن جي امپورٽ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ سهڪار ڪري، پاڪستان حڪومت چانورن جي گهٽ ۾ گهٽ ايڪسپورٽ قيمت (ايم اي پي) کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن سان پاڪستاني واپار ڪندڙن کي چٽاڀيٽي جي قيمتن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو مو??عو ملندو. هن پاڪستاني گوشت ۽ جيليٽن ايڪسپورٽ ڪندڙ ڪمپنين لاءِ ايڪريڊيٽيشن جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن ??يو ته ان شعبي ۾ سهڪار سان واپار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي سگهي ٿو. واپار واري وزير چيو ته پاڪستاني واپارين کي م??ائيشيا لاءِ گوشت ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڏُکيائين کي حل ڪرڻ ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي، ان سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان واڌ ممڪن ٿيندي. بعد ۾ ملائيشيا جي وزير پاڪستان کي آسيان جي سرگرمين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ڇاڪاڻ ته ملائيشيا آسيان جي سربراهي سنڀالي رهيو آهي.