لاهور- 05 آڪٽوبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آه?? ته وزيراعظم شهباز شريف فلسطين مسئلي تي پ??ري مسلمان امت جي ترجماني ڪئي، حڪومتي قدمن جي ڪري مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي چڪي آه??، وڳوڙي گروهه کي پاڪستان جي ترقي هضم نه ٿي رهي آه??، خيبرپختونخوا کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آه??، ڪنهن شرپسند کي ريڊ زون ويجهو اچڻ نه ڏينداسين، احتجاج ڪرڻ اصل ۾ اين آر او وٺڻ آه??. اهڙو اظهار هن ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوششن سان سفارتي اڪيلائي ختم ٿي ۽ اسان جي پرڏيهي پاليسي هاڻي درست رخ تي گامزن آه??، دنيا پاڪستان جي معاشي بهتري جو اعتراف ۽ پاڪستان سان واپار جي خواهشمند آه??، وزيراعظم يو اين او اجلاس ۾ فلسطين مسئلي تي پ??ري مسلمان امت جي ترجماني ڪئي ۽ موثر انداز ۾ فلسطين جو ڪيس وڙهيو. يو اين او اجلاس ۾ پاڪستان کي جيڪا عزت ملي آه?? اها پوري دنيا جي مسلمان ملڪن لاءِ فخر جوڳي آه??، وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس عوام آڏو رکيو ۽ والاريل ڪشمير جي عوام تي ڪيل ڀارتي ظلمن کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو. هن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي چڪي آه??، اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي ايمرجنگ ترين مارڪيٽس مان آه??، بلوم برگ موجب پاڪستان جي معيشت ٽيڪ آف ڪري رهي آه??، هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاليسين کي ساراهيو ۽ چيو ته جيڪڏهن اوهان نه آيل نه هجو ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو هجي ها، ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو تازو دورو ڪامياب رهيو، سعودي عرب جو وفد به جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آه??، ٻاهران آيل مهمان پاڪستان جي عزت هوندا آه??. هن چيو ته 2018ع جي حڪومت پاڪستان کي آئيسوليشن جو شڪار ڪيو ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو جو ڪو به ملڪ پاڪستان سان واپار ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پرڏيهي سيڙپڪاري ڊيڊ ليول تي اچي چڪي هئي ۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو. هن چيو ته هاڻي ملڪي معيشت ٺيڪ ٿي رهي آه?? ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ ڌرڻن جي سياست کي هڪ دفعو ٻيهر هٿي ڏئي رهي آه??، مخالف حالتن کي خراب ڪري ملڪي معيشت سان ٻيهر کيڏڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڪي پ?? ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هڪ غير سنجيده شخص آه?? ۽ هو ڪي پ?? ڪي پ??ليس کي اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڳوڙه?? ڳاڙيندڙ گئس کڻي اچڻ لاءِ چئي رهيو آه??، ريڊ زون ۾ ڌرڻن جو مقصد سرڪار جي ڪم ڪار ۾ کي مفلوج ڪرڻ آه??، پي ٽي آءِ وارا ملڪ دشمن ماڻهو آه??، انهن کي ريڊ زون جي ويجهو اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ دنيا جي 12ملڪن جا سربراهه ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ اسلام آباد اچي رهيا آه??، ايس سي او ڪانفرنس لاءِ اسلام آباد کي سينگاريو پيو وڃي، ايس سي او کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جهڙي طرح 2014ع ۾ ڌرڻن سان چيني صدر جي پاڪستان جي دوري کي نا??ام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سي پ??ڪ جهڙو اهم منصوبو دير جو شڪار ٿيو، ڪنهن شرپسند کي ايس سي او کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. عطا الله تارڙ چيو ته پي ڊبليو ڊي جو بدعنوان کاتو بند ۽ ايف بي آر ۾ بدعنوان عنصرن کي سائيڊ لائين ڪيو ويو جنهن سان ايف بي آر ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ ٻيڻو ٿي چڪو آه??، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ حڪومتي خرچ ناهن. هن چيو ته ملڪي معيشت کي پ??هنجي پ??رن تي بيهارڻ لاءِ مختلف سرڪاري ادارن ۾ سڌار، رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ ڪري رهيا آه??ون جنهن سان حڪومت جي سائيز ننڍي ڪنداسين. هن چيو ته اها ڪيتري شرم جي ڳالهه آه?? ته اسان جي پاڙيسري دشمن ملڪ جي پرڏيهي وزير کي پ?? ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر سيف پنهنجي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني آه?? جيتوڻيڪ دنيا ۾ ٻيا به ملڪ آه??، انهن جي پرڏيهي وزيرن کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڇو نه ڏني وئي، ان مان واضح ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ وارا ڪيترا محب وطن آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لاهور سميت سڄي ملڪ ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آه?? جنهن کي اسان هر صورت ۾ پورو ڪنداسين. هن چيو ته هڪ شخص وڏي واڪي چئي رهيو آه?? ته هو اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ هٿياربند ٿي اچي رهيو آه?? ۽ هو ملڪ ۾ حالتن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اسان خاموش نه و??هنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ وقت ۾ ڪي پ?? ڪي مان آواز اچڻ شروع ٿي ويندا ته علي امين هوش کان ڪم وٺو ۽ صوبي ۾ مهانگائي کي گهٽ ڪريو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير طرفان ڪو به مطالبو سامهون ناهي آيو، ان جو مقصد صرف ملڪ ۾ ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ آه?? ته ڪو ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ نه اچي.