اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار سان ترقي جا نوان امڪان پيدا ٿي رهي?? آهن. سي پيڪ تحت بنيادي ڍانچي، توانائي، صنعت، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا وي?? آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿي رهي?? آهن. اقتصادي ماهرن مطابق گوادر ايئرپورٽ جو منصوبو ٻنهي ملڪن جي مستحڪم لاڳاپن جو هڪ اهم اظهار آهي. اهو منصوبو نه صرف پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي ب??تر بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر گوادر کي هڪ عالمي واپاري مرڪز بنائڻ جي راهه هموار ڪندو. ان سان پاڪستان جي اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي ۽ خطي ۾ واپاري موقعا وڌندا. چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اهو سهڪار ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري اعتماد ۽ دوستي جي عڪاسي ??ري ٿو، جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ ترقي جا نوان امڪان پيدا ??ري رهيو آهي. خاص اقتصادي زونز جي قيام ۽ صنعتن جي ترقي جا منصوبا پاڪستاني معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بنائي رهي?? آهن، جنهن سان ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهي?? آهن. زراعت جي ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق زريعي زرعي پيداواريت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڪستان جي ??ذا??ي پاڻ ڀري ۽ روانگي واپار ۾ به??ري ايندي. توانائي جا منصوبا بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ۽ توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري رهي?? آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ سهڪار جون نيون راهون کلي رهيون آهن جن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل تحقيق جا موقعا پيدا ٿي رهي?? آهن.