اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرابوو سو??يا??تو کي انڊونيشيا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ گڏ??ل احترام تي ٻڌل پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم چيو ته هو مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافي ۽ ع??ائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ صدر سو??يا??تو سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.