اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيني سفير کي ڪراچي ?? چيني شهرين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائ??اڻ?? لااڳپن کي ن??صان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪوم?? جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني ويو. هن چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم گذريل ڏينهن ڪراچي ?? چيني شهرين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي. وزيراعظم چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته چيني شهرين تي ان حملي جي مذمت ڪرڻ ۽ زخمين جي عياد?? جي لاءِ توهان سان ملڻ آيو آهيان. وزيراعظم چيني سفير کي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙ ۾ وٺڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ جي عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، واقعي ۾ زخمي چيني شهرين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪو آهيان. وزيراعظم چيو ته اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ چيني شهرين جي صحت بهتر ٿي رهي آهي، چين پاڪستان جو پ??اڻ?? دوست آهي، چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائ??اڻ?? لاڳاپن کي ن??صان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪوم?? جي اولين ترجيح آهي. چيني سفير وزيراعظم جا سفارتخاني اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم واقعي جي ذميوارن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.