اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو ا??هار ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پا??ستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوعلو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم نئين مقرر ٿيندڙ ترڪ سفير نذير اوعلو جي آجيان ڪندي چيو ته هو پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي، پراڻ?? ۽ ??ائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تي ترڪيه جي پا??ستان جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پا??ستان به بنيادي مفادن جي حوالي سان ترڪيه جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صدر رجب طيب اردوان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ا??هار ڪيو ۽ ترڪ صدر کي جلد پا??ستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو ا??هار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترڪيه جي سفير نذير اوعلو شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط ۽ تاريخي رشتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.