باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جمهوريه چيڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي باڪو ۾ عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه چيڪ جي وز??راعظم پيٽر فيالا سان ملاقات ٿي. ملاق??ت دوران وز??راعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن تي ٻڌل آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي موقعن خاص طور تي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ وچ ايشيا جي گيٽ وي جي طور تي صلاحيت تي پڻ روشني وڌي، چيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سلامتي ۽ پائيدار ترقي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقل ڪوششن جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي تازي دور جي اهم ترين مسئلن مان هڪ آهي جنهن جي لاءِ گڏيل عالمي قدمن جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي اثرن کان بچاءُ جي قدمن جي فروغ جي لاءِ پ??عز?? آهي. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ، گرين انرجي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جمهوريه چيڪ سميت عالمي حصيدارن سان تعاون ضروري آهي.